سريندر ناٿ

سريندر ناٿ

سريندر ناٿ

سريندر ناٿ (اداڪار ۽ گلوڪار): هن مشهور اداڪار ۽ فنڪار جو اصل نالو سريندر ناٿ ۽ فلمي نالو سريندر هو. هن 11 نومبر 1911ع تي پٽياله جي هڪ معزز گھراڻي ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو آر. آر شرما هو. هن ابتدائي تعليم پٽياله مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ پنجاب يونيورسٽي لاهور مان بي. اي، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين.
سريچند کي فلمن ڏسڻ جو تمام گھڻو شوق هوندو هو. ان شوق جي ڪري سندس لاڙو اداڪاريءَ طرف ٿيو. هن فلمي دنيا ۾ اچڻ جي شروعات ’رينو ڌيڪ پڪچرز لاهور‘ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪئي، جتي هن ننڍي کنڊ جي مقبول اداڪاره ببوءَ جي ذاتي فلم ۾ ساڻس مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، جيڪا ڪامياب نه ٿي سگھي.
ڪافي جدوجهد کانپوءِ هدايتڪار محبوب سريچند کي ’ساگر موويٽون‘ ۾ جڳهه ڏني، جتان سندس مقبوليت ’وڪن ڪوئن‘ فلم کان ٿي، جنهن ۾ هن ادڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ ٿوري ئي وقت ۾ تمام گھڻي مقبوليت حاصل ڪري ورتي. نومبر 1938ع ۾ فلم ’گراموفون سنگر‘ رليز ٿي، جنهن ۾ هن هيرو جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن فلم ۾ مقبوليت ماڻڻ کانپوءِ کيس پنجاب حڪومت جي ان وقت جي وزيراعظم سر سڪندر حيات خان کيس سونو تمغو ڏنو.
سريچند ان کانپوءِ ’ساگر موويٽون‘ ۽ ’نيشنل اسٽوڊيو‘ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو. سندس مشهور فلمن ۾ آنسو، وڪن ڪوئين، من موهن، ڪامريڊ، علي بابا، جيون ساٿي، ليڊيز، اونلي، ڊائنامئٽ، گراموفون سنگر، جواني، غريب، پوجا، روشن ڪليان، چاند چڪوري، وشواس، ڀرتري، رتناولي، پنهاري، عورت، لال حويلي، انمول گھڙي، اعلان ۽ انوکي ادا وغيره اچي وڃن ٿيون.


لفظ سريندر ناٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.11.11  عيسوي

هن مشهور اداڪار ۽ فنڪار جو اصل نالو سريندر ناٿ ۽ فلمي نالو سريندر هو. هن 11 نومبر 1911ع تي پٽياله جي هڪ معزز گھراڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شونالي ناگراڻي
چشتي مجاهد
رضوي مير سيد مرتضيٰ
اتا ترڪ ڪمال
باگو چانڊيو
خير محمد لغاري
مولانا آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي
پاويل جوڻيجو
لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻي
رهي رسول بخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون